سکر – 12 8211; آگسٽ (اي پي پي) خيرپور ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب ڊسٽرڪٽ اسڪائوٽس گرائونڊ خيرپور ۾ صبح 8 وڳي ٿيندي جنهن ۾ پوليس، رينجرز ۽ اسڪائوٽس جا دس??ا قومي جهنڊي ک?? سلام پيش ڪندا، ان دوران هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سيف الله ابڙو جي صدارت ۾ ڊي سي آفيس خيرپور ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پوليس، رينجرز، اي ڊي سي ون، اسسٽنٽ ڪمشنرز، ريڊيو پاڪستان، ميونسپل ڪميٽي، روٽري ڪلب، تعليم، صحت، روينيو، اسڪائوٽس، سماجي تنظيمن ۽ ٻيلي کاتي سميت ٻين کاتن جي آفيس??ن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊي سي خيرپور آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسپتالن ۾ مريضن کي گلدستا، مـٺائي ۽ فروٽ ورهائڻ ۽ سينٽرل جيل ۾ قيدين جي لاءِ کاڌي جو بند??بس?? ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته سڄي شهر ۾ صفائي کي بهتر بڻايو ويندو.