سرينگر – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل ??ماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ مي?? واعظ عمر فاروق جي سرينگر ۾ گهر ۾ مسلسل غيرقانوني نظربندي کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض فوجي ڀارتي انتظاميا مي?? واعظ کي نريندر مودي جي فسطائي ڀارتي حڪومت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ??ي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ 4 آگسٽ 2019ع تي گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو هو. ڪل ??ماعتي حريت ڪانفرنس سرينگر پاران جاري هڪ بيان ۾ مي?? واعظ عمر فاروق کي زبردستي نظربند ڪرڻ جي غيرقانوني ۽ جابراڻي قدمن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن سان ان جي سڀني بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي ٿي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ??ئي?? لڳي ٿو ته ڪل ??ماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ کي ڪشمير ??ڪرار جي حل لاءِ انهن جي پرامن ڪوششن جي سزا ڏني پئي وڃي ۽ سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. بيان ۾ ڀارتي حڪومت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اها سڀني ڪشميري سياسي نظربندن کي آزاد ۽ ڪشمير ??ي تڪرار کي پرامن طريقي سان حل ڪري.