اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جو اجلاس اسلام آباد ۾ ڪنوينر محمود احمد ساغر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ پونڇ ۽ ڊوڊا جي شهيدن کي زبر??ست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ڪشمير ميديا سروس موجب ڀارتي فوجين 2 آگسٽ 1998ع تي پونڇ جي علائقي سيالان ۾ هڪ ئي خاندان جي 19 ما??هن کي رات جي اونداهي ۾ گوليون ??ڻي شهيد ڪيو ويو هو. ڀارتي فوج جي 9 راشٽريا رائفلز ۽ ڳجهي ايجنسي ”را“ جي اهلڪارن گڏجي هڪ ئي خاندان جي 19 بيگناهه ما??هن کي قتل ڪيو جن کي اڄ تائين انصاف نه مليو. ان خاندان جو ڏوهه اهو هو ته انهن جو پٽ هڪ حريت پسند هو. انهي ??فت?? 25 جولاءِ تي ڊوڊا ضلعي جي علائقي ڪوٽال ۾ هڪ ئي خاندان جي 5 ما??هن کي اڳ ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ بعد ۾ گوليون ??ڻي شهيد ڪيو ويو هو جن ۾ ٽي عورتون ??ڪ مرد ۽ هڪ ٻار شامل هو.