اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??داري چيو آهي ته پاڪستان 2018ع ۽ 2021ع جي ايڪشن پلانز کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو آهي، پاڪستا?? جي ٽيم کي سخت محنت ۽ ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ج?? جي ڪوششن سان پاڪستان فيٽف جي ٻنهي ايڪشن پلانز جي ٽيڪنيڪل ضرورتن کي ڪاميابي سان پورو ڪيو. پاڪستان پاران فيٽف جي ايڪشن پلانز جي ڪامياب پڄاڻي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته گڏيل قومي ڪوششن ۽ سمورن حصيدار?? جي گڏيل ڪوششن سان اسان اها ڪاميابي حاصل ڪري سگهياسين، ان سان پاڪستاني معيشت تي اعتماد بحال ٿيندو ۽ پائيدار ترقي ۾ مدد ملندي، فيٽف جي ٽيڪنيڪل ٽيم جو پاڪستان جو دورو خوش آئنده ڳالهه آهي جنهن سان اي ايم ايل/ سي ا??ف ٽي جي حوالي سان پاڪستا?? جي قدمن ۽ ڪاميابي?? جي عڪاسي ٿئي ٿي. آچر ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??داري چيو ته پاڪستان حڪومت قومي معيشت جي استحڪام جي عظيم تزويراتي مقصد تحت ماليات جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته آئون پراميد آهيان ته فيٽف پاران ان سٺي خبر تي پاڪستاني معيشت ۾ اعتماد بحال ٿيندو ۽ پائيدار ترقي ۾ مدد ملندي. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان حڪومت عالمي معيارن موجب اي ايم ايل/ سي ا??ف ٽي جي حوالي سان اعليٰ سطحي قدم جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. سندس چوڻ هو ته اسان فيٽف جي پاڪستا?? جي دوري جا منتظر آهيون ۽ اميد آهي ته پاڪستان ڪاميابي سان جلد کان جلد گري لسٽ مان نڪري ويندو.