اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته ترڪي ۽ پاڪستان هڪ جان ۽ ٻه دليون آهن، شهري ٻن ملڪن ۾ رهندا آهن پر هڪ قوم آهن، صدين جي رشتن ۾ ڳنڍيل اهي لاڳاپا دنيا ۾ هڪ منفرد مثال جي حيثيت رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ??اپ?? ايندڙ ٽن سالن ۾ 5 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ترڪي جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران انقره ۾ ”ٽي آر ٽي“ جي هيڊ آف اردو سروس ڊاڪٽر فرقان حميد کي خصوصي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم ??يو ته ترڪي ۽ پاڪستان هڪ جان ۽ ٻه دليون آهن، شهري ٻن ملڪن ۾ رهندا آهن پر هڪ قوم آهن، هڪ خدا، هڪ رسول ۽ هڪ ڪتاب کي مڃيندڙ آهن، صدين جي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن ان جي دنيا ۾ ڪو به مثال نٿو ملي، شهباز شريف ??يو ته مون جيئن ئي وزيراعظم پاڪستان جي حيثيت سان حلف ک??يو ته سڀ کان پهرين انهي رات ترڪي جي صدر ۽ منهنجي ڀاءُ، پاڪستان جي انتهائي شفيق ۽ تمام گهري دوست صدر اردوان ٽيليفون ڪندي مون کي وزارت اعظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي، هن ??يو ته اهو سندس دل جي گهراين سان محبت جو اظهار آهي جنهن جي لاءِ ذاتي طور تي ان جو ٿورائتو آهيان، هن ??يو ته پاڪستان جي قوم صدر رجب طيب اردوان جي نه رڳو معترف آهي پر ترڪي ۽ پاڪستان جو جيڪو رشتو آهي اهو دنيا ۾ هڪ منفرد مثال جي حيثيت رکي ٿو، انهن لاڳاپن کي جوڙڻ ۽ وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ منهنجو ترڪي جو دورو وڏو ڪارآمد ثابت ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪي جي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن طرف ڌيان ڇڪرائيندي ??يو ته صدر اردوان ۽ سندس وزيرن سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ??اپ?? ايندڙ ٽن سالن ۾ 5 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، هن وقت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ??اپ?? صرف هڪ ار?? 10 ??روڙ ڊالر آهي، اسان گذريل 75 سالن ۾ واپاري ??اپ?? صرف 1.1 ارب ڊالر تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، ايندڙ ٽن سالن ۾ ان جو پنج ارب ڊالر جو هدف حاصل ڪرڻو آهي، اسان جي لاءِ هڪ چئلنيج آهي ۽ اسان انشاءُ ان چئلينج کي قبول ڪنداسين ۽ ان کي عملي شڪل ڏينداسين. وزيراعظم شهباز شريف ??يو ته ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ صدين کان جيڪي گهرا لاڳاپا قائم آهن بدقسمتي سان ان جي جهلڪ واپاري ميدان ۾ نظ?? نٿي اچي، هن ??يو ته واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ سان پاڻ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري جي ڪلچر کي فروغ حاصل ٿيندو، ان لاءِ 5 ارب ڊالر جو هدف مقرر ڪيو آهي ان کي حاصل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، وزيراعظم شهباز شريف سياحت جي شعبي ۾ ترڪي سان تعاون ڪرڻ جو ذڪر ڪندي ??يو ته ترڪي سان پنهنجي لاڳاپن کي 2018ع جي سطح تي جتي اسان ڇڏيو هو اتان کان اڳتي وٺي وينداسين، اسان وڏي تيزي سان گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏينداسين، هن ??يو ته ترڪي ٻين شعبن وانگر سياحت جي شعبي ۾ به وڏا ڪمال ڏيکاريا آهن، اسا?? ٻنهي ملڪن جي ترقي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪنداسين.