اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي تيز رفتار ترقي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??ءِ ٽي جي شعبي کي ترجيح ڏئي پاڪستان گهٽ وقت ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهي ٿو، آءِ ٽي جي شعبي جو ملڪي معيشت جي ترقي ۽ ماڻه?? کي روزگار جي فراهمي ۾ نمايان ڪردار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فاطمه جناح پارڪ ۾ ”فيوچر فري لانس فيسٽ 2022ع” کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام جي ايس بئنڪ پاڪستان فري لانس ايسوسيئيشن ۽ ٻين ادارن جي سهڪار سان ڪيو هو. تقريب ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي ۽ جي ايس بئنڪ جي عمران حليم شيخ سميت مختلف ادارن جي سي اي اوز ۽ آءِ ٽي جي ماهرن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته نوجوانن جو جذبو ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي پاڪستا?? کي ترقي يافته ملڪ بڻائيندو، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي سان پاڪستان جو مستقبل رو??ن ٿيندو، هن چيو ته ??ءِ ٽي انڊسٽري کي تربيت يافته ??فرادي قوت جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ هيومن ريسورس جي کوٽ نه آهي، نوجوان?? کي موجوده دور جي گهرجن موجب انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تربيت يافته ??ڻائي انهن لاءِ روزگار جا موقعا وڌندا. هن چيو ته ??ءِ ٽي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ڀرپور ڪم ڪرڻو پوندو، نوجوان?? کي فني تربيت لاءِ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد نوجوان?? کي هنرمند ۽ معاشي طور تي پاڻڀرو بڻائڻ آهي. صدر چيو ته نوجوان?? کي ڊجيٽل اسڪلز طرف متوجهه ڪيو پيو وڃي، 6 مهينن دوران 22 لک ماڻه?? کي ڊجيٽل اسڪلز جي تربيت ڏني وئي، ڊجيٽل مهارتن جي ڪورس جي تربيت يافته ۽ ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ ڪجهه نوجوانن ڏيڍ لک ڊالر تائين ڪمائي رهيا آهن جيڪا هڪ وڏي اڳڀرائي آهي، صدر آءِ ٽي ماهرن ۽ نوجوانن ت?? زور ڏنو ته هو انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ جدت طرف پنهنجو ڌيان ڏين. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??ءِ ٽي جي شعبي کي سهولتن جي فراهمي سان هنرمند افرادي قوت تيار ٿيندي ۽ ان جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته چين آءِ ٽي ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻه?? کي تربيت ڏئي هنرمند بنايو جنهن جي نتيجي ۾ هن زبردست ترقي ڪئي آهي. صدر چيو ته ??ءِ ٽي جي شعبي کي ترجيحي ڏئي پاڪستان گهٽ وقت ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهي ٿو، ان مقصد جي لاءِ فيصله سازي جي عمل کي تيز ڪرڻو پوندو، مارڪيٽ جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميش?? کي چيو ويو آهي ته ڊگري جو وقت گهٽ ڪيو وڃي، فري لانسر گهر ويهي مارڪيٽ سان ڳنڍجي رهيا آهن، مصنوعي ذهانت جي هر شعبي ۾ گنجائش موجود آهي، صدر چيو ته ??ءِ ٽي سيڪٽر عورت?? کي بااختيار بنائڻ جو وڏو ذريعو آهي، گذريل سال ٽيوٽا پنجاب فيس بڪ جي سهڪار سان پنج هزار عورت?? کي مختلف هنر سيکارڻ جي تربيت ڏني جيڪي هاڻي پاڻ روزگار ڪمائي رهيون آهن، مون هن سال هڪ لک عورت?? کي تربيت يافته ??ڻائڻ جو هدف رکيو آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??ءِ ٽي جو شعبو عورت?? کي گهر ۾ رهندي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن آءِ ٽي ڪمپنين ت?? زور ڏنو ته هو ان شعبي ۾ عورتن جي شموليت جي حوصلا افزائي ڪن، هن چيو ته ??ن لائن تربيت کانپوءِ عورتون گهر ۾ ويهي ڪم ڪري سگهن ٿيون، اسپيشل ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي تقريب ۾ شرڪت تي صدر جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته هو آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي لاءِ گهري دلچسپي وٺي رهيو آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان ۾ جدت آڻڻ جي ضرورت آهي. تقريب کي خطاب ڪندي جي ايس بئنڪ جي عمران حليم شيخ پروگرام جي ارادن ۽ مقصدن کان شرڪت ڪندڙ?? کي آگاهه ڪيو، ان کان اڳ صدر مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ ايوارڊ ورهايا.