اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردا??ي سان اسلام آباد ۾ مقرر چيني ناظم الامور پانگ چن شوئي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب چيني ناظم الامور پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي بلاول ڀٽو زرداري کي م??ار??باد ڏني. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ چين جي ناظم الامور پانگ چن شوئي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??يو ته پاڪ چين دوستي دنيا ۾ پائيدار ۽ مسلسل لاڳاپن جو هڪ لازوال مثال آهي. هن ??يو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو منصوبو خطي ۾ واپاري عمل کي فروغ ڏيندو، پاڪستان دنيا جي سمورن ملڪن سان واپاري لاڳا??ن ۾ اضافي جو خواهشمند آهي.