اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غريب ماڻهن کي صحت جي معياري سهولتن جي مفت فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، لاچار ۽ مفلس طبقي تي ڌيان نه ڏيڻ جي سوچ بدلائڻ ۽ انهن جي خدمت کي ترجيحن ۾ سرفهرست رکڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آئي) کي ٽرسٽ بڻايو و??ي ۽ نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي کي جلد مڪمل ڪيو و??ي. وز??را??ظم آفيس پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ تي لاهور ۾ جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وز??را??ظم کي پي ڪي ايل آئي جي انتظامي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال 290 ڪڊني ٽرانسپلانٽ ۽ 190 ليور ٽرانسپلانٽ ڪيا ويا، مريضن مان رڳو 17 سيڪڙو کي ئي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي. وز??را??ظم کي اسپتال سان گڏ نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وز??را??ظم پي ڪي ايل آئي جي منصوبي کي مڪم?? ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪندڙ تي افسوس جو اظهار ڪندي پي ڪي ايل آئي ۾ مريضن کي ڏني ويندڙ موجوده سهولتن کي غيرتسلي بخش قرار ڏنو. وز??را??ظم اسپتال ۾ سهولتن کي عالمي معيار موجب بڻائڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو غريب مريضن کي مفت علاج فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو ته پي ڪي ايل آئي جو مقصد ئي پوري ملڪ جي غريب ۽ لاچار ماڻهن کي مفت ٽرانسپلانٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ هو ته جيئن انهن کي وڏي رقم خرچ ڪري علاج جي لاءِ ٻين ملڪن نه وڃڻو پوي. وز??را??ظم پي ڪي ايل آئي کي مالي طور خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ چيف سيڪريٽري پنجاب کي هدايت ڪئي ته هو مڪمل حڪمت عملي جوڙي ٽن ڏينهن ۾ پيش ڪري. وز??را??ظم هدايت ڪئي ته مالي سببن جي ڪري پڻ مريضن کي علاج کان محروم نه رکيو و??ي، صحت جون معياري سهولتون حاص?? ڪرڻ ۾ ملڪ جي غريب ماڻهن کي مسئلا آهن، انهن کي عالمي معيار جي سهولتن جي مفت فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وز??را??ظم لاچار ۽ مفلس طبقي تي ڌيان نه ڏيڻ جي سوچ کي بدلائڻ ۽ انهن جي خدمت کي ترجيحن ۾ سرفهرست رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وز??را??ظم پي ڪي ايل آئي کي ٽرسٽ بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي کي جلد مڪمل ڪيو و??ي ۽ پي ڪي ايل آئي جي صفائي کي عالمي معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ جيڪڏهن ضرورت پوي ته صفائي جي نظام کي آئوٽ سورس ڪيو و??ي. اجلاس ۾ خواجه سلمان رفيق، خواجه عمران نذير، پنجاب جي چيف سيڪريٽري، پنجاب جي هيلٿ سيڪريٽري، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ پي ڪي ايل آئي جي عهديدارن شرڪت ڪئي.