اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان مسلمان امت کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي، او آءِ سي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اتحاد کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسان کي فلسطين ۽ ڪشمير ۽ ميانمر جي مسلمانن کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو، اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي حوالي س??ن او آءِ سي ج?? سيڪريٽري ج??رل حسين براهيم طحه سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا جنهن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي انتطامن ۽ انعقاد تي ذاتي دلچسپي ورتي. هن چيو ته اجلاس ۾ اسان 800 نمائندن جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ خاص طور تي سيڪريٽري ج??رل جي معاونت تي ان جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير چيو ته چيني پرڏيهي وزير اسان جي خصوصي دعوت تي آيو جيڪو ان ڳالهه جو اظهار آهي ته چين مسلمان دنيا سان رابطن جي فروغ جو خواهشمند آهي. چين مسلمان ملڪن سان واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جو خواهشمند آهي. پاڪستان جي آرمڊ فورسز هن اجلاس جي سيڪيورٽي انتظامن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، آئون انهن جا به ٿورا ادا ڪرڻ ضرور سمجهان ٿو. هن چيو ته مسلمان ملڪن جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ج?? شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جلد هڪ پيپر شيئر ڪندو. ان کانسواءِ ڪانفرنس ۾ قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ مسلمان امت کي درپيش چئلينجز تي خيالن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلي تي کلي ڳالهه ڪئي ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ناانصافين جو ذڪر ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته الله تعاليٰ مسلمان امت کي تمام گهڻن وسيلن سان نوازيو آهي اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته مون کي بطور چيئرمين اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته جڏهن ڊسمبر ۾ اسان گڏ ٿياسي?? ته اسان جو افغانستان جي حوالي س??ن موقف واضح هو ۽ اسان کي ڪاميابي ملي جڏه?? ته هن اجلاس ۾ اسان ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ جو عزم ڪيو هو. او آءِ سي ڪشمير بابت رابطا گروپ جي اجلاس ۾ اسان ڪيترائي فيصلا ڪيا، اسان قراردادن کان وڌي ايڪشن پلان جوڙيو. مون کي اميد آهي ته نيويارڪ، جنيوا ۽ جده ۾ اسان جا نمائندا ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ باقاعده اجلاس منعقد ڪندا رهندا. پرڏيهي وزير چيو ته فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جي پوزيشن واضح آهي. اسان گذريل سال رمضان المبارڪ دوران مسجد اقصيٰ جي المناڪ واقعي کانپوءِ ٻين پرڏيهي وزيرن سان گڏ نيويارڪ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. اسلام آباد پڌرنامو اڄ جي اجلاس جو مرڪزي حاصل آهي. ڪشمير تي ڀرپور قرارداد سامهون آئي. ڪشمير مسئلي تي گڏيل پڌرنامو ڪشمير بابت رابطا گروپ جي اجلاس کانپوءِ سامهون آيو. هن چيو ته افغانستان جي لاءِ قائم فنڊ جي چارٽر تي صحيحون ٿيون. ان اجلاس جي حاصل ۾ خصوصي نمائندي ج?? مقرري، رحمت للعالمين ٽرسٽ جو قيام ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ قرارداد ذڪر جوڳي آهي. 9 مارچ تي ڀارت پاران فضائي حدن جي خلاف ورزي کانپوءِ او آءِ سي ج?? سيڪريٽري ج??رل ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر کي خط جي ذريعي پنهنجي ڳڻتي ۽ گڏيل جاچ جو مطالبو ڪيو. مون انهن کي ٻڌايو ته حادثاتي ميزائل فائر حادثاتي ج??گ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. پاڪستان مسلمان امت ?? تڪرارن جي حل لاءِ حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي لاءِ وزارتي اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏني. هن چيو ته مسلمان امت کي درپيش چئلينجز جي حوالي س??ن 140 قراردادون سامهون آيون جڏه?? ته 20 قراردادون پاڪستان پاران يا پاڪستان جي حصيداري س??ن پيش ڪيون ويون. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ يوڪرين جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. انساني جانين جي زيان جي خطري کي نظر ۾ رکندي پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانونن جي روشني ۾ امن جي ڪوششن ۾ حصيداري ج?? لاءِ راضي آهي. او آءِ سي نمائندن يوڪرين جنگ جي حوالي س??ن ڳڻتي ج?? اظهار ڪيو ۽ اجلاس ۾ يوڪرين جي لاءِ انساني همدردي ج?? بنياد تي ريليف ڪوريڊور جو مطالبو ڪيو ويو. پرڏيهي وزير چيو ته يو اين قراردادن جي باوجود ڪشمير مسئلو اڃا تائين حل طلب آهي. والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته اسلامو فوبيا جي خلاف متفقه قرارداد خوش آئنده آهي جڏه?? ته اسلام فوبيا جي حوالي س??ن خصوصي نمائندو مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. او آءِ سي ج?? سيڪريٽري ج??رل حسين براهيم طحه او آءِ سي اجلاس جي ڪامياب انعقاد ۽ پاڪستان جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي پاڪستاني حڪومت ?? عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ بهترين انتظامن ۽ مهمان نوازي تي پڻ ٿورا مڃيا. هن چيو ته اسلامو فوبيا جي حوالي س??ن پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. جڏه?? ته او آءِ سي گڏيل قومن سان گڏجي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته افغانستان جي لاءِ خصوصي نمائندي ج?? مقرري ۽ افغانستان جي لاءِ هيومنٽرين ٽرسٽ فنڊ اسان جي ڪاميابي آهي. ان سلسلي ۾ نائجيريا کان فنڊ جي لاءِ اٽڪل هڪ ملين ڊالر ملي چڪا آهن. سيڪريٽري ج??رل ٻين ملڪن تي پڻ زور ڏنو ته اهي به ان ۾ پنهنجو حصو وجهن. حسين طحه چيو ته او آءِ سي اجلاس جي ايجنڊا ۾ فلسطين سرفهرست هو. اجلاس ۾ فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي ج?? حوالي س??ن تفصيلي بحث ٿيو. سيڪريٽري ج??رل چيو ته اسان ڪشميري عوام جي خودمختياري ج?? حق جي حمايت کي ورجايون ٿا. هن چيو ته اڪثر ميمبر ملڪن کي هن وقت دهشتگردي سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، ان تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن ۽ ڀرپور تعاون جي ضرورت آهي.