اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جهلم ۾ بلدياتي چونڊون پهرين مرحلي ۾ ٿينديون، جه??م جي عوام بلدياتي چونڊن جي تياري ڪري وٺي، وزيراعظم عمران خان جه??م جي عوام کي للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي ۽ ڪينال جو تحفظ ڏنو، اسلام آباد کان کاريان موٽروي جو ٽينڊر جاري ٿي چڪو آهي، تمام جلد ان تي ڪم شروع ٿي ويندو، وزيراعظم عمران خان جو اهو جه??م جي عوام لاءِ ٽيون وڏو تحفو آهي، تحريڪ انصاف جهلم ما?? بلدياتي چونڊن ۾ ڪلين سويپ ڪري وزيراعظم جي انهن تحفن جو حق ادا ڪندي. اها ڳالهه هن جهلم پريس ڪلب جي عهديدارن سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد – کاريان موٽروي پراجيڪٽ سان جهلم اسلام آباد کان 50 منٽ جي سفر تي رهجي ويندو. هن چيو ته للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي ڪراچي، ڏکڻ ??نجاب ۽ وچ پ??جاب کي ڪشمير تائين ڳنڍيندڙ ملڪ جو اهم رستو بڻجي ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٽيڪنالاجي ۾ جدت ۽ ڊيجيٽل دور جي ڏس ۾ جهلم پريس ڪلب ۾ ڊيجيٽل ليب ۽ ميڊيا هال جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم جي صحت ڪارڊ پروگرام تحت جه??م جي صحافين کي صحت ڪارڊ فراهم ڪيا ويا آهن جنهن سان اهي 10 لک رپين تائين پنهنجي علاج جي سهولت مان فائدو کڻي سگهندا. هن چيو ته وزيراعظم جي اپنا هائوسنگ اسڪيم تحت جه??م جي صحافين جي لاءِ آسان قرضن جي سهولت جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.