اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان سان سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان جي ترقي ۽ صوبي ۾ تازي ٻوڏ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم لاڳاپ??ل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي متاثر آبادي جي بحا??ي سان گڏوگڏ تباهه ٿيل انفراسٽرڪ??ر جي نئين سر تعمير جي لاءِ موثر قدم کڻن. سينيٽ چيئرمين ۽ بلوچستان جي وڏي وزير وزيرا??ظم جي بلوچستان جي ترقي ۾ گهري دلچسپي ۽ باقاعدگي سان پيروي ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.