اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز اومني گروپ جا اڪائونٽ ڊائريڪٽ آپريٽ ڪيا، صرف هڪ فيڪٽري 16 ارب روپين جي مني لانڊرنگ ڪئي، ميڊيا پاڻ ان جي خلاف ڪيسن جو جائزو وٺي ۽ حقيقتون عوام جي سامهون آڻي، وزيراعظم عمران خان، خو??جه آصف جي خلاف پنهنجي ڪيس ۾ گواهه جي حيثيت سان پيش ٿيو، 2012ع ۾ خو??جه آصف شوڪت خانم اسپتال جي چيئرٽي تي الزام لڳايا هئا، سدائين وانگر خو??جه آصف ڪوڙو ثابت ٿيندو، هنن زندگي ۾ ڪڏهن سچ ناهي ڳالهايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي گهرو وزير شيخ رشيد احمد، مملڪتي و??ير فرخ حبيب ۽ خصوصي مددگار شهباز گل به موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته وزيراعظم گواهه جي حيثيت سان خو??جه آصف جي خلاف پنهنجي ڪيس ۾ پيش ٿيو آهي، قانون واري و??ارت اسلام آباد ۾ جيڪو نئون نظام جوڙيو آهي ان تحت گواهه وڊيو ڪانفرنس جي ذريعي پنهنجي ڪيسن ۾ پيش ٿي سگهن ٿا، ان جو عملي طور تي آغاز ٿي ويو آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته خو??جه آصف 2012ع ۾ الزام لاڳو ڪيو هو ته شوڪت خانم اسپتال ۾ چيرٽي جا پئسا غط استعمال ٿيا، 2012ع جي ڪيس جو اڃان تائين فيصلو نه ٿي سگهيو، هن چيو ته شوڪت خانم اسپتال 70 ارب روپيا هر سال غريب ماڻهن جي علاج تي خرچ ڪندو آهي، اهڙي طرح جا الزام لڳايا ويندا ته پاڪستان ۾ چيرٽي جو ڪم ڪير ڪندو؟ وفاقي و??ير چيو ته اميد آهي ته ان ڪيس جو جلد فيصلو ٿيندو، سدائين وانگر خو??جه آصف ڪوڙو ثابت ٿيندو. هن زندگي ۾ ڪڏهن به سچ ناهي ڳالهايو، وفاقي و??ير چيو ته پنجاب ڪميٽي جي اجلاس ۾ خانيوال اليڪشن جي حوالي سان معاملو بحث هيٺ آيو، وزيراعطم خانيوال اليڪشن تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، هن چيو ته اليڪشن ۾ خاميون کي ختم ڪرڻ گهرجي ته جيئن هارس ٽريڊنگ جو خاتمو ٿي سگهي. هن ٻڌايو ته پنجاب ڪميتي جي اجلاس ۾ بلدياتي چونڊن تي به تفصيل سان ڳالهه ٿي، پنجاب ۾ ڊسٽرڪٽ ميئرز لاءِ اميدوارن کي فائنل ڪرڻ جي باري ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي و??ي آهي جيڪا هر جمعي تي پنهنجو اجلاس منعقد ڪندي، اسپوڪس پرسنز جي ميٽنگ جي حوالي سان وفاقي و??ير ٻڌايو ته توانائي و??ري وفاقي و??ير حماد اظهر گئس جي معاملي تي اجلاس کي بريفنگ ڏني، هن چيو ته سوئي ناردرن گئس ڪمپني جي 2300 انڊسٽريل يونٽس مان 1800 انڊسٽريل يونٽس کي گئس جي سپلائي مڪمل طور تي جاري آهي، حڪوم?? جي لاءِ 2100 کان 2300 روپين ۾ گئس خريد ڪري 600 کان 700 روپين ۾ ڏيڻ ممڪن نه آهي، هن چيو ته ڪيپسٽو پلانٽس کي گئس ڏيڻ جو مطلب اهو آهي ته مقامي صارفين لاءِ گئس مڪمل طور تي بند ڪئي وڃي، چوڌري فواد حسين چيو ته توانائي و??ري و??ارت جو موقف آهي ته ڪيپسٽو پلانٽس غير فعال آهن، وڌيڪ سبسڊي ڏيڻ درست نه آهي ڇو ته اهي پلانٽس گئس مان بجلي ٺاهي رهيا آهن، بجلي پهرين وڌيڪ آهي ان تي رعايتي اگهه هلي رهيا آهن، هن چيو ته ڪراچي ۾ گئس جو مسئلو وڌيڪ آهي، ڪراچي ۾ 50 ٽاپ ايڪسپورٽرز کي گئس ڏني پئي وڃي، ڪراچي ۾ ڊوميسٽڪ نيٽ ور?? جي ڪري مسئلو وڌيڪ شديد آهي. هن چيو ته پاڪستان م گئس جي ذخيرن ۾ گذريل سال 9 سيڪڙو گهٽتائي ٿي ۽ هن سال وري 9 سيڪڙو گهٽ ٿي، اسان پنهنجي ڪيرج صلاحيت موجب گئس گهرائي، مهانگي ايل اين جي درآمد ڪري ڊوميسٽڪ استعمال ۾ نٿي ڏئي سگهجي، چوڌري فواد حسين چيو ته گهرو معاملن ۽ احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر شهباز شريف جي معاملي تي اجلاس ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي خلاف مني لانڊرنگ جا ڪيسز هڪ سال پهرين سامهون آيا هئا، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز اومني گروپ جي اڪائونٽس زرداري گروپ وانگر آپريٽ ڪيا، زرداري گروپ اهي اڪائونٽ ڊائريڪٽ آپريش نه ڪيا هئا پر شهباز شريف ۽ حمزه شريف ڊائريڪٽ آپريٽ ڪيا، هن ٻڌايو ته 18 ماڻهن جي 17 هزار ٽرانزيڪشنز کي چيڪ ڪيو ويو، 16 ارب روپيا صرف هڪ فيڪٽري شهباز شريف اينڊ فميلي جي مني لانڊرنگ ڪئي، هن چيو ته شهباز شريف ڪيس ۾ اهو ٽپ آف دي آئس برگ آهي، هن چيو ته ميڊيا پاڻ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز شريف جي ڪيسن جو موازنو ڪري ۽ حقيقتون عوام جي سامهون آڻي، هن چيو ته روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ٿئي ته نواز شريف کانپوءِ شهباز شريف به سزا کان قطئي طور تي بچي نٿو سگهي، صرف هڪ ئي چانس آهي ته ٻڌڻي نه ٿئي جنهن جي لاءِ اهي پوري ڪوشش ڪندا.