اسل??م آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بني گالا مان گذرندي ڪرڪيٽ گرائونڊ جو دورو ڪيو ۽ گرائونڊ ۾ کيڏڻ وارن ??ارن سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ انتظامن جو جائزو ورتو ۽ گرائونڊ جي چوطرف وڻ لڳائڻ جون هدايتون جاري ڪيون، هن رانديگرن سان گرائونڊ ۾ کيڏڻ جي لاءِ انتظامن جي حو??لي سان به راءِ ورتي.