اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت نئين اسپورٽس پاليسي متعارف ڪرائي آهي جنهن سان نوجوانن جو ٽئلينٽ اڀري سامهون ايندو اسپورٽس باڊيز ۾ مافياز جو خاتمو ڪري ڇڏيو، خيبرپختونخوا ۾ 300 ۽ پنجاب ۾ 200 گرائونڊ ٺهي چڪا آهن، هر يونين ڪائونسل ۾ راندين جا ميدان هجڻ گهرجن، شاگردن کي ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪالرشپ ڏنا، هن وقت تائين 63 لک مستحق نوجوانن کي 47 ارب روپين جا وظ??فا ڏئي چڪا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح اسٽيڊيم اسلام آباد ۾ ملڪ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي راندين جي مق??بلي ”ڪامياب جوان اسپورٽ?? ڊرائيو“ جي افتتاحي تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود، وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جو نوجوانن بابت خاص مددگار عثمان ڊار به موجود هئا. وزيراعظم ڪاميان جوان اسپورٽ?? ڊرائيو جي انعقاد تي عثمان ڊار کي ??راج تحسين پيش ڪيو، هن چيو ته نوجوانن جي لاءِ رانديون انتهائي ضروري آهن، مون 21 سال عالمي اسپورٽس گرائونڊ ۾ گذاريا، آئون نوجوانن ??ي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته راندين مان هو مق??بلو ڪرڻ سکندا آهن، راندين جي ذريعي کين کٽڻ به ايندو آهي ۽ هار کي ??مجهڻ به ، رانديون اسان کي ??يکارينديون آهن ته اسان هار کان دلبرداشته ناهي ٿيڻو ۽ ڪرڻ جو اٿي بيهي مق??بلو ڪرڻو آهي، اسپورٽس مين مشڪل وقت ۾ گهٻرائيندو ناهي ۽ دلبرداشت ناهي ٿيندو ڇو ته انسان هارائيندو ان وقت آهي جڏهن هو هارائڻ کانپوءِ پنهنجي غلطين جو جائزو ناهي وٺندو ۽ پهرين کان وڌيڪ محنت نٿو ڪري، ان جي لاءِ آئون نوجوانن کي نصيحت ڪريان ٿو ته هو اسپورٽس جي ذريعي مق??بلو ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪن، رانديون اسان جي صحت لاءِ به ضروري آهن، جيڪي الله تعاليٰ جي وڏي نعمت آهي، انسان ??ي ان نعمت جي قدر ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي مشتمل آهي، اسان جي حڪومت ۾ نوجوانن کي ??اندين جا ڀرپور موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ گرائونڊ تيار ڪيا آهن، خيبرپختونخوا ۾ هن وقت تائين 300 ۽ پنجاب ۾ 260 گرائونڊ ڍاهي چڪا آهيون، هر يونين ڪائونسل ۾ راندين جا گرائونڊ هجڻ گهرجن، وزيراعظم چيو ته نيوزي لينڊ جنهن جي آبادي صرف 50 لک آهي ۾ 22 ڪروڙ جي آبادي واري پاڪستان کان به وڌيڪ گرائونڊ آهن، اسان جي حڪومت سڄي ملڪ ۾ راندين جي ميدانن جو ڄار وڇائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته اسان جي حڪومت نوجوانن کي ??عليم جي بهتر موقعن جي فراهمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پنجاب، خيبرپختونخوا جون صوبائي حڪومتون ۽ وفاقي حڪومت 63 لک نوجوانن کي 47 ارب روپين جا وظ??فا ڏنا آهن، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن شاگردن ??ي ايتري وڏي تعداد ۾ اسڪالرشپ ناهن مليا، اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي اسپورٽس ۾ شرڪت ڪري، ان جي لاءِ ٽيلينٽ هنٽ پروگرام شروع ڪيو آهي ۽ وڌ کان وڌ راندين جا ميدان ٺاهيا پيا وڃن، سينٽر آف ايڪسي لينس ٺاهي ٽيلنٽ کي پروموٽ ڪنداسين، هن چيو ته حڪومت اسپورٽس باڊيز جي اصلاح ڪري رهي آهي، نئين اسپورٽس پاليسي متعارف ڪرائي وئي آهي ۽ پراڻو سسٽم جنهن ۾ اسپورٽس باڊيز ۾ مافياز ويٺل هئي جو خاتمو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪامياب جوان اسپورٽ?? ڊرائيو سان پاڪستان جي لاءِ نوجوانن جو ٽئلينٽ اڀري سامهون ايندو. ان کان اڳ وزيراعظم مشعل ٻاري اسپورٽ?? ڊرائيو جو آغاز ڪيو، ڪامياب جوان اسپورٽ?? ڊرائيو تحت ٽيلنٽ هنٽ ۾ 6 هزار اٿليٽس حصو وٺي رهيا آهن، پروگرام تحت 4 ارب روپين جي 4 نون منصوبن جو آغاز ڪيو ويو آهي، اسپورٽ?? ڊرائيو تحت 15 مان 25 سالن جي نوجوانن جنهن ۾ 2700 ڇوڪريون به شامل آهن، مختلف راندين ۾ حصو وٺندا جنهن سان نوجوانن جو ٽئلنٽ اڀري سامهون ايندو.