اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ پارٽي اڳواڻن ملاقات ڪئي. ٿيندڙ ملاقاتن ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن ??ل هما، عظميٰ رياض، غلام بي بي ڀروانه، ڊاڪٽر نوشين حامد، پنجاب جي ثقافت واري وزير خيال احمد ڪاسترو، پنجاب جي ليبر واري وزير عنصر مجيد خان، پنجاب م??ن صوبائي اسيمبلي ميمبرن ??حسن سليم بريال، جليل احمد شرقپوري، حامد يار هراج، چوڌري اع??از سلطان بنديشه، فاروق امان الله دريشڪ، سنڌ م??ن صوبائي اسيمبلي ميمبر ملڪ شهزاد اعواڻ، جمال احمد صديقي، خيبرپختونخوا م??ن صوبائي اسيمبلي ميمبر ديدار خان، محمد عبدالسلام ۽ بلاول آفريدي ۽ پارٽي ميمبرن ??ظيم لکاوي، ڊاڪٽر ناديه، جمشيد اقبال چيمه، محمد سليم بريار ۽ قيصر بابر شامل هئا. سينيٽر سيف الله نيازي، قومي اسيمبلي ميمبر عامر محمود ڪياني ۽ ملڪ عامر ڊوگر به موجود هئا. ملاقاتن ۾ سياسي معاملن ۽ لاڳاپيل تڪن ۾ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم عوامي ڀلائي ۽ بهتري خاص طور تي غر??بن جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.