اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناليواري سائنسدان ۽ محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ??يو آهي ته ملڪ کي ائ??مي رياست بڻائڻ جي حوالي سان سندس اه?? ڪردار جي لاءِ پوري قوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان سان محبت ڪري ٿي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان تعزيت جو اظهار ڪندي ??يو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان اسان کي پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي پاڙيسري ۽ ائ??مي رياست جي جارحيت کان تحفظ فراهم ڪيو. هن ??يو ته پاڪستان جي عوام جي لاءِ هو هڪ قومي هيرو آهي. وزيراعظم عمران خان ??يو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي سندس خواهش موجب فيصل مسجد جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويندو. هن ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.