اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اهم وفاقي وزيرن، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي وڏن وزيرن سان گڏ آءِ ايس آءِ سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??يف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، ??يف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ ??يف آف ايئر اسٽاف ايئر ??يف مارشل ظهير احمد ب??بر به ان موقعي تي موجود هئا. آءِ ايس آءِ جي ڊي جي ليفٽي??نٽ جنرل فيض حميد سيڪريٽريٽ اچڻ تي سندن استقبال ڪيو. بيان موجب اجلاس ۾ اعليٰ قومي ۽ عسڪري ??يا??ت کي ملڪي سلامتي ۽ افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ خطي ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ آءِ ايس آءِ جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو.