اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هي?? اجلاس جي موقعي تي فن لينڊ جي پنهنجي هم منصب پيڪاهاويسٽو سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي سياسي مشاورت جو اڳيو?? اجلاس جلد منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان فن لينڊ سان پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ سفارتي ر??بطن جا 7 ڏهاڪا مڪمل ٿيڻ تي پرڏيهي وزير هاويسٽو کي مبارڪباد ڏني ۽ فن لينڊ سان سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ معاشي لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ ۽ تعليمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظ??ار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي سياسي مشاورت جو اڳيو?? اجلاس جلد منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسلام آباد ۾ فن لينڊ جو سفارتخانو ٻيهر کولڻ سان اسان جا واپاري لاڳاپا مضبوط ٿيندا ۽ عوامي سطح تي ر??بطن ۾ اضافو ٿيندو، پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ ??عل??ٰ سطحي ر??بطن جو فروغ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پرڏيهي وزير فن لينڊ جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ ان کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو.