اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشري جي معاشي طور تي غريب ۽ ڪمزور طبق?? جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ سندس اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم اها ڳالهه ٽوئيٽر تي جاري پنه??جي ٽوئيٽ ۾ چئي آهي. وزيراعظم پنه??جي ٽوئيٽ ۾ ڪٻاڙ گڏ ڪندڙ هڪ سائيڪل سوار ٻار جي ??صوير پڻ شيئر ڪئي آهي جنه?? جي سائيڪل تي قومي جهنڊو ڦڙڪي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته انشاءَ الله هي اهي پاڪستاني آهن ج?? جي زندگي جو معيا?? بلند ڪرڻ سندس اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جي پاڪستانين کي هيستائين اسا?? جي رياست نظرانداز ڪيو آهي.