اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ رياستي دهشتگردي جي ذريعي خطي جو استحڪام تباهه ڪري رهي?? آهي، ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب انهن جو حق ملڻ تائين آواز اٿاريندو رهندس، پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪشميرين جو ڪيس وڙهندو رهندو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪش??ير جي حوالي سان 5 آگسٽ 2019ع تي ڪيل ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم کي 2 سال مڪمل ٿي ويا آهن. انهن ٻن سالن ۾ دنيا ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪش??ير ۾ ڀارت جي قابض فوج جو غيرمعمولي ظلم ۽ ڏاڍ ڏسي ورت?? آهي. دنيا ڪشميرين جي سڃاڻپ کي تباهه ڪرڻ ۽ آبادي جي تناسب کي طاقت جي ذريعي تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن کي پڻ ڏسي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارتي حڪومت پاران ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ آر ايس ايس جي هندتوا نظريي جو تسلسل آهي، اڄ ڀارت پنهنجي جابراڻي قدمن ۽ رياستي دهشتگردي جي ذريعي خطي جو استحڪام تباهه ڪري رهي?? آهي جيڪو سمورن عالمي قانونن ۽ ق??رن جي خلاف ورزي آهي. وزيراعظم چيو ته مون عالمي فورمن تي ڪشميرين جو آواز اٿاري?? آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ملڻ تائين آواز اٿاريندو رهندس. هن چيو ته پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪشميرين جو ڪيس وڙهندو رهندو ۽ انشاءَ الله ڪشميرين جي جدوجهد ڪامياب ٿيندي.