اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار مسلمان ۽ عرب دنيا جي عدم اطمين??ن جي بنيادي سببن ۾ ش??مل آهن، مسلمان ملڪ پراڻن مسئلن جي حل سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجح??ن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ يڪجهتي جو مظاهرو ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب پارليامينٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن عادل بن عبدالرحمان العسومي جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عرب پارليامينٽ جي صدر ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي. عرب دنيا ۽ پاڪست??ن جي عوام جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان وچ اوڀر جي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي وڏي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جهڙا تڪرار مسلمان ۽ عرب دنيا جي عدم اطمين??ن جي بنيادي سبنبن ۾ ش??مل آهن. وزيراعظم فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن جي حمايت جي لاءِ مسلمان امت جي وچ ۾ يڪجهتي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته انهن پراڻن تڪرارن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان مسلمان ملڪن کان مطالبو ڪيو ته دنيا جي مختل?? حصن ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجح??ن جو گڏجي مقابلو ڪريون. هن وفد کي نئون پاڪست??ن جي حوالي سان پنهنجي ويزن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪست??ن جي اقتصادي سلامتي جا ٽي ٿنڀ آهن جن ۾ امن، ترقيا??ي حصيداريون ۽ رابطا ش??مل آهن. ان موقعي تي عرب پارليامينٽ جي صدر وزيراعظم عمران خ??ن جا ٿورا مڃيا. هن فلسطين سميت مسلمانن جي مقصدن جي حمايت ۾ پاڪست??ن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. عرب پارليامينٽ جي صدر مسلامن امت کي درپيش علائقائي ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متفقه طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.