اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بحرين جي وزيراعظم خليفه بن سلمان ??لخليفه جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پ??ڪستان هڪ مثالي دوست کان محروم ٿي ويو، بحرين جي وزيراعظم ٻنهي ملڪن ۾ مثالي ڀائيچاري جي روشن علامت ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ عظيم اڳواڻ هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بحرين جي سف??رت??اني آمد ۽ بحرين جي پاڪستان ۾ مقرر سفير محمد ابراهيم محمد عبدالقادر سان ??حرين جي قيادت ۽ ڏکويل خاندان لاءِ تعزيت جو اظهار ڪندي ڪيو.