اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر رياست ٺاهڻ اسان جي اصل ??نز?? آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پنهنجي ??نز?? کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گامزن آهيون، رستي ۾ رڪاوٽون ختم ٿينديون وينديون، حڪومت جي قدمن ۽ پاليسين جا ثمر جلد عوام کي نظر ايندا، مهانگائي جي روڪٿام اسان جي اولين ترجيح آهي، نه ته پي ٽي وي جي نجڪاري ??ئي پئي وڃي ?? نه ئي ملازمن کي ڪڍيو پيو وڃي. هو پي آءِ ڊي ۾ غذائي تحفظ واري وفاق?? وزير سيد فخر امام ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاق?? وزير حماد اظهر سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو، وفاق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين ان ڳالهه تي زور ڏيندو آهي ته رياست ۾ عام ماڻهو کي هر ممڪن سهولت ميسر هوندي، مسئلا ۽ مشڪلاتون انهن جي گهر جي چائنٺ تي حل ٿين، اهو ئي مديني جي رياست جو ماڊل آهي، اصل ۾ اسان جي ??نز?? جو تعين ٿي چڪو آهي ۽ اسان جي رخ به درست آهي، ??نز?? تائين پهچڻ جي لاءِ وقت لڳندو آهي ۽ رستي ۾ رڪاوٽون به اينديون آهن، انهن سمورين رڪاوٽن کي اسان عبور ڪري پنهنجي ??نز?? مقصود تائين پهچڻو آهي.