اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري ملاقات ڪئي ۽ جيلن ۾ قيد عورتن جي صورتحال ۽ ان??ن کي رليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سفارشن تي ٻڌل پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي. انساني حقن واري وزارت طرفان جاري پريس رليز موجب ڊاڪٽر شيرين مزاري وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي جيلن ۾ قيد عورتن جي صورتحال ۽ ان??ن کي رليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سفارشن تي ٻڌل رپورٽ کيس پيش ڪئي. ياد رهي ته وزيراعظم م??ي جي آخر ۾ جيلن ۾ قيد عورتن جي حالتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ انساني حقن واري وزير جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي ج??ڙي هئي ۽ چار مهينن ۾ سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.