اسلام آ??اد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورنگ پارڪ ۾ ٻوٽو لڳائي ملڪ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ٽائيگر فورس جي رضاڪارن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. شهرين ۽ ٽائيگر فورس جي ميمبرن مختلف ٻوٽا لڳايا. حڪومت 9 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ ٽائيگر فورس جو ڏينهن ملهائڻ جو ??عل??ن ڪيو هو ۽ 10 بلين ٽري سونامي پروگرام تح?? 10 لک کان وڌيڪ رضاڪارن سان گڏ ٻوٽا لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. منصوبي تح?? خيبرپختونخواهه ?? 20 ??ک، پنجاب ۾ 11 لک 90 هزار، سنڌ ۾ 3 لک، آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ 57 هزار، بلوچستان ۾ 15 هزار ۽ گلگت ۾ 11 هزار 500 ٻوٽا لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو.