گڏيل قومون _14 جون (اي پي پي ) گڏيل قومون چيو آهي ته فلسطين سميت سڄي دنيا ۾ جبري بي گهر ماڻهن جي انگ ۾ اضافو 2023 ع دوران نئين تاريخي سطح تائين پهچي ويو آهي . انڊيپنڊٽ اردو گڏيل نيوز مطابق قومن جي پناهگيرن جي اداري يو اين ايڇ سي آر جي 2024ع جي گلوبل ٽرينڊ رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته مجموعي طورتي مئي 2024 ع تائين 12 ڪروڙ ماڻهو سڄي دنيا جي ملڪن ۾ جبري طورتي بي گه?? ٿيا ، ان اضافي ۾ اهو رجحان مسلسل 12 سالن ۾ ڏٺو ويو آهي جيڪو تڪرارن ۽ پراڻن بحرانن کي ??ل ڪرڻ ۾ نا??ام?? جي ترجماني ڪري ٿو . انهن سمورن بي گهر ماڻهن کي گڏ ڪيو وڃي ته اهو انگ دنيا جي 12هين سڀ کان وڏي ملڪ جاپان جي آبادي جيترو آهي . ان انگ اکرن ۾ ڇرڪائيندڙ اضافي جو اهم سبب سوڊان ۾ تباهي جوڳو تڪرار آهي جتي اپريل 2023ع کان 71 لک کان وڌيڪ نوان ماڻهو بي گه?? ٿيا جڏهن ته 19 لک پهريان ئي پناهه جي ڳولا ۾ پرڏيهه لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن . 2023ع جي آخر ۾ مجموعي طورتي هڪ ڪروڙ 8 لک سوڊاني بي گه?? ٿيا . رپورٽ مطابق ان وڌندڙ انگ جي پويان انساني الميو لڪيل آهي . گڏيل قومون جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپوگراندي جو چوڻ آهي ته انهن مسئلن کي نظر ۾ رکندي عالمي برادري کي ??بري بي دخلي جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري طورتي سرگرم ڪرڻ گهرجي . هن وڌيڪ چيو ته اهو ئي وقت اهي ته سرگرم ڌريون جنگ جي بنيادي قانون ۽ عالمي قانون جو احترام ڪن . هن چيو ته پناهگيرن جي اڪثريت پنهنجي روسي پاڙيسري ملڪ ۾ رهندڙ آهي . جنهن مان 75 سيڪڙو پناهگير گهٽ ۽ وچولي آمدني و??رن ملڪن ۾ رهندڙ آهن . رپورٽ ۾ موسمياتي بحران تي نوان تجربا پڻ پيش ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو بحران ڪهڙي طرح تيزي سان ۽ غير مناسڀ طورتي بي گه?? ٿيندڙ ماڻهن کي متاثر ڪري رهيو آهي .