اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) ??نع?? ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسي?? جي صدارت هيٺ ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سال 25-2024ع جي ڪمند جي فصل جي ڪاٿي ۽ ملڪ ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ ضرورتن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ ا?? جي قيمت?? جي باري ۾ تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ استحڪام برقرار رکڻ ۽ عوام کي سستي اگهه تي کنڊ جي فراهمي کي يقين?? بڻائڻ جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا. وفاقي وزير سمورن صوبن کي هدايت ڪئي ت?? هو کنڊ جي قيمت?? جي سخت نگراني ڪن ۽ ڪنهن ??ه قسم جي هٿرادو کوٽ کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻن. هن چيو ته کنڊ جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي. راڻا تنوير حسين وڌيڪ چيو ته حڪومت کنڊ جي قيمت?? جي استحڪام کي يقين?? بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکندي. هن ??هو پڻ چيو ته ??نع?? ۽ پيداوار واري وزارت صوبن سان گڏجي کنڊ جي فراهمي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ قيمتن ۾ استحڪام لاءِ مستقل نگراني ڪندي ته جيئن عوام کي کنڊ جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوي.