اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي آءِ اي جي يورپ جي لاءِ اڏامن جي بحالي کانپ??ءِ پيرس جي لاءِ پهرين اڏام جي روانگي تي عوام کي مبارڪب??د ڏيندي چي?? آهي ته پي آءِ اي جي يورپ جي لاءِ اڏام جي بحالي سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت ٿيندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني سڌوسنئون اڏامن مان فائدو کڻي سگهندا. اڏامن جي بندش سان قومي ايئر لائينز کي اربين ڊالر جو نقصان ۽ ان جي ساک متاثر ٿي. الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومت قومي ايئر لائينز جو تشخص بحال ڪيو. وزيراعظم چيو ته يورپ اڏامن جي بحالي کانپ??ءِ پي آءِ اي ترقي طرف گامزن آهي. ان حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊ??ر، هوابازي ۽ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، لاڳاپيل سمورا ادارا، ان جا آفيسر ۽ اهلڪار ساراهه جي لائق آهن.