اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) صدر ??صف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ ٽن مختلف ڪاررواين دوران 19 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي ??ي خلاف متحد آهي، دهشتگردي ??ي مڪمل خاتمي تائين فتنه ا??خو??رج جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي ب??ان ۾ انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪامياب آپريشنز دوران 19 خوارج کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ 3 بهادر جوانن کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ??صف علي زرداري لانس حوالدار عباس علي، نائيڪ محمد نذير ۽ نائيڪ محمد عثمان جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر ملڪ مان فتنه ا??خو??رج جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر جو چوڻ هو ??ه سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي ??ي لعنت جي خاتمي جي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي.