اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخو??هه جي ضلعي ڪرڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري ٽيم تي دهشتگردن جي حملي ۾ پوليس اهلڪار جي ش??ادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پوليو کي پاڪستان مان ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان جي سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون رائيگان نه وينديون. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم قوم کي پوليو جي مرض کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ سرگرم پوليو ورڪرز تي حملي کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي ۽ پوليو ورڪرز جي حفاظت جي لاءِ سمورا وس??لا استعمال ۾ آڻيندي.