لاھور-13 نومبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعلي?? مريم نواز شريف چيو آھي ته مھرباني اھا روشني آھي جيڪا دلين ۾ سڪون پيدا ڪري ٿي، ??وا??ش آھي ته پاڪستان ۾ ھر دل خوش ۽ ھر چھرو مسڪرائيندو نظر اچي. اربع ڏينهن مھرباني جي عالمي ڏھاڙي تي جاري ڪيل پنھنجي پيغام ۾ وزيراعلي?? مريم نواز چيو ته ڪنھن جو حال اورڻ، ڪنھن کي دلاسو ڏيڻ ۽ مسڪرائي ڳالھائڻ ب?? نبي ڪريم صلي ال??ه عليه واله وسلم جن جي سنت مبارڪه آھي، مھرباني اھڙي پوشيده طاقت آھي جنھن جو اثر دل ۾ محسوس ٿئي ٿو. ھن چيو ته ننڍيون ننڍيون مھربانيون به وڏو ھاڪاري اثر رکنديون آھن، مھرباني اھا روشني آھي جيڪا دلين ۾ سڪون پيدا ڪري ٿي. ھن چيو ته ??وا??ش آھي ته پاڪستان ۾ ھر دل خوش ٿئي ۽ ھر چھرو مسڪرائيندو نظر اچي. مريم نواز شريف وڌيڪ چيو ته ماڻھو مھرباني کي زندگي جو حصو بڻائين ته جيئن ايندڙ نسل کي بھتر دنيا ڏئي سگھجي.