اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان اي پي ايم ٽرمينلز جي چيف ايگزيڪيوٽو آ??يسر سي اي او ڪيٿ سوينڊسن ڪالهه هتي ناڻي واري ڊويزن ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڊئنمارڪ جي سفير جيڪب لينولف، ڊئنمارڪ ۾ پاڪستان جي سفير شعيب سرور سميت اعليٰ عملدار به موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڊئنمارڪ وچ ۾ ٻه طرفي تعاون ک?? وڌائڻ ۽ جٽادار اقتصادي اؤسر کي تيز ڪرڻ لاءِ گذريل مهيني هڪ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيح کانپوءِ ٿيل اڳڀرائي تي توجهه ڏني وئي. سبز ۽ پائيدار پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) سيڙپڪاريءَ کي هٿي ??يڻ ۽ وڌائڻ آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب اي پي ايم ٽرمينلز جو پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي عزم جي آجيان ڪئي ۽ گروپ کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ م مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ڪيٿ سوينڊسن، ناڻي واري وزير کي اي پي ايم ٽرمينلز جي بزنس پورٽ فوليو ۽ پاڪستان ۾ پورٽ انفراسٽرڪچر جي تعمير جي رٿائن جي باري ۾ ٻُڌايو ته جي??ن روينيو ۾ واڌ ۽ علائقائي واپار ۽ رابطن ۾ بهتري اچي.