اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته نوجوان پنهنجي محنت، لگن ۽ عزم سان پاڪست??ن کي ترقي يافته ۽ خوشحال ملڪ بڻائيندا، ملڪي معيشت جي مضبوطي جي لاءِ حڪومت ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي، فلسطين جي 200 شاگردن کي پاڪستاني ادارن ۾ داخلا ڏني وئي. نيشنل يوٿ سمٽ کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته پاڪستان جو بنياد هڪ خواب تي رکيو ويو، علامه اقبال جي خواب کي قائداعظم تعبير ڏني، ننڍي کنڊ جي ن??جوانن آزادي جي جدوجهد ۾ قائداعظم جي ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪاميابي حاصل ڪئي. نوجوان قائداعظم جي پيغام کي ن??ڍي کنڊ جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچايو ۽ مسلمانن ۾ پاڪستان جي اهميت بابت بيداري پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هن چ??و ته پاڪستان ۾ باصلاحيت نوجوانن جي ڪا کوٽ نه آهي، جيڪي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. نوجوان هر فورم تي پاڪستان جي ن??ائندگي ڪري رهيا آهن، انهن ۾ عالمي منظرنامي کي منفرد انداز ۾ آڻڻ جي صلاحيت آهي. هن چ??و ته موسمياتي تبديلي جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻوڏ ۽ طوفان جي شڪل ۾ موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جي ڪري اس??ن کي تمام گهڻي ن??ص??ن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستاني ن??جوان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته پاڪستان جا نوجوان صنفي برابري، صحت جي بهتر سهولتن ۽ ملڪ ۽ خطي جي عوام جي مجموعي ڀلائي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چ??و ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، حڪومت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي. هن چ??و ته نوجوانن ئي مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا رياست ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ اهي هن ملڪ کي بلندين تي کڻي ويندا. هن چ??و ته پاڪستاني ن??جوانن وٽ نه رڳو صلاحيت آهي پر اهي دنيا جي مستقبل کي نئين شڪل ڏئي سگهن ٿا ڇو ته اسان انسانيت جي گڏيل مستقبل طرف وڌي رهيا آهيون. وفاقي وزير چ??و ته صنفي برابري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي ته جيئن ڇوڪريون به قوم جي تعمير جي عمل ۾ وڌيڪ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چ??و ته حڪومت ڊيجيٽل فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني ن??جوانن جي مدد جي لاءِ پوري طرح باخبر ۽ تيار آهي. هن چ??و ته نيشنل يوٿ ڪائونسل کي وڌيڪ فعال بڻائڻ ۽ فيصلاسازي ۽ پاليسي سازي جي عمل ۾ نوجوانن کي ڪردار ڏيڻ جي ضرورت آهي. عطاءُ الله تارڙ چ??و ته حڪومت ملڪي معيشت جي مضبوطي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چ??و ته غزه تي اسرائيلي حملي کانپوءِ پاڪستان 200 فلسطيني ميڊيڪل شاگردن کي پاڪستاني ادارن ۾ داخلا ڏني، اسرائيل معصوم فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪري رهيو آهي ۽ ان جي فوج جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي، گڏيل قومون ۽ عالمي برادري فلسطينين جي نسل ڪشيءَ کي روڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پاڪستان 1967ع کان اڳ واري فلسطيني رياست جي بحالي چاهي ٿو. هن چ??و ته نوجوان پرامن دنيا کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. فلسطينين جي نسل ڪشيءَ تي خاموش رهندڙ حقيقت ۾ اسرائيلي فوج جي جنگي ڏوهن ۾ شريڪ آهن. هن چ??و ته غزه ۽ اولهندي ڪناري جي ن??جوانن کي سڄي دنيا جي ن??جوانن وانگر هڪجهڙا موقعا ملڻ گهرجن.