ڪراچي-31 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ز??دا??ي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي هندو ب??دا??يءَ کي ڏياري جون واڌايون پيش ڪندي چيو آهي ته هي روشنين جو ڏڻ اتحاد ۽ امن جي علامت آهي جيڪو پاڪستان جي مختلف ثقافتي ورثي ۾ اونهائي سان جُڙيل آهن. بلاول هائوس ميڊيا سيل طرفان جاري ب??ان موجب پ پ چيئرمين پاڪستان جي هندو ۽ شيڊولڊ ڪاسٽس برادريءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ملڪي ترقيءَ ۾ سندن تمام گهڻي ڪ??دا?? کي ساراهيو آهي. سندس چ??ڻ هو ته ڏياري اونڌائي تي روشني جي فتح جو جشن آهي. پ پ چيئرمين پنهنجي پارٽيءَ جي پُختي عزم کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان ۾ سم??ري?? اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ کين پنهنجا ڏڻ وقار ۽ آزاديءَ سان ملهائڻ جو حق حاصل رهندو. هن چيو ته ڏياري جو ڏڻ اميد، حوصلي ۽ شفقت جهڙن قدرن جي نمائندگي ڪري ٿو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پ پ ملڪ ۾ هڪ اهڙي معاشرتي ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ سرگرعمل عمل آهي جتي هر شهري، چاهي سندس مذهب ڪهڙو به هجي، گڏيل احترام ۽ هم آهنگي جي ماحول ۾ ترقي ڪري سگهي.