اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) سامونڊي م??املن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاڪستان جي بيلو اڪانومي کي م??بوط بنائڻ لاءِ اسٽريٽجڪ شراڪتداريءَ تي زور ڀريو آهي. گذريل ڏينهن هن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف م??ري ٽائم افيئرز جو دؤرو ڪيو جنهن ۾ سامونڊي م??املن واري وزارت ۽ ا??ن آءِ ايم اي وچ ۾ وڌ کان وڌ سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو ته جيئن پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۽ ملڪ جي بليو اڪانومي ۾ ترقيءَ کي اڳتي وڌائي سگهجي. وفاقي وزير ايڪوڪلچر، گرين شپنگ، م??ري ٽائم ٽوئر ازم ۽ گرين شپ ري سائڪلنگ جهڙن اهم سامونڊي شعبن کي اڳتي وڌائڻ ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير دؤري دوران م??ري ٽائم پاليسي جوڙڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ پاڪستان جي سامونڊي مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۾ اين آءِ ايم اي جي ڪردار بابت تفصيلي بريفنگ حاصل ڪئي. بريفنگ ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته پاڪستاني سامونڊي م??يشت ان وقت ملڪي جي ڊي پي جي 0.2 سيڪڙو کان به گهٽ نمائندگي ڪري رهي آهي جيڪا 8-10 سيڪڙو جي عالمي م??يار جي بلڪل ابتڙ آهي. اين آءِ ايم اي جي حڪومتي، قومي ۽ عالمي شراڪتدارن سان جاري حصيداريءَ کي به سامونڊي شعبي ۾ ترقيءَ کي تيز ڪرڻ لاءِ ضروري قرار ڏنو ويو. بريفنگ ۾ بليو اڪانومي جي م??تلف پهلوئن بابت مختلف امڪانن ??ي ڳولا جو جائزو ورتو ??يو ۽ ملڪ جي سامونڊي وسيلن کي ڪتب آڻڻ لاءِ هڪ اثرائتي قومي ايڪشن پلان جي فوري ضرورت جي نشاندهي ڪئي وئي. وفاقي وزير م??ري ٽائم جي سمورن شعبن ۾ پائيدار ترقيءَ لاءِ مستقبل جو روڊ ميپ قائم ڪرڻ لاءِ سامونڊي م??املن واري وزارت ۽ ا??ن آءِ ايم اي ۽ ٻين م??ري ٽائم اسٽيڪ هولڊرن وچ ۾ اثرائتي ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريو.