اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 29 کان 30 آڪٽوبر تائين سعودي عرب جو ??رڪ??ري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم رياض ۾ منعقد ٿيندڙ فيوچر انويسٽمينٽ اني??ي ايٽو جي اٺين ايڊيشن ۾ شرڪت ڪندو، ڪابينا جا اهم ميمبر پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندا. فيوچر انويسٽمينٽ اني??ي ايٽو ملڪن جي لاءِ معاشي طاقت کي ظاهر ڪرڻ، غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ هڪ پائيدار مستقبل جي جوڙجڪ جي لاءِ مڪالمي ۾ مشغول ٿيڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ ??ار?? جي طور تي ڪم ڪري ٿو. هن سال جي فيوچر انويسٽمينٽ اني??ي ايٽو جو ٿيم ”انفينيٽ هورائزنز: انويسٽنگ ٽو ڊي، شپنگ ٽو مور“ آهي جيڪو عالمي سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندو جنهن جو مقصد مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، تعليم، توانائي، خلا، ماليات، صحت جي سارسنڀال ۽ پائيداري جهڙن اهم مسئلن کي حل ڪرڻ آهي. بيان موجب وزيراعظم جي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان ۽ ٻين اعليٰ سعودي عملدارن سان اهم ٻطرفي ڳالهه ٻولهه متوقع آهي. ڌريون پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي ۽ تزويراتي حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون ۽ اقتصادي، توانائي ۽ دفاعي شعبن ۾ ٻطرفي ??عا??ن تي غور ڪنديون. وزيراعظم جي فيوچر انويسٽمينٽ اني??ي ايٽو جي اٺين ايڊيشن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ا??وا??ن ۽ ڪاروباري ماڻهن سان ملاقات پڻ متوقع آهي.