واشنگٽن _24 آگسٽ (اي پي پي )ناڻي واري وفاق?? وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستاني معيشت ۾ جاري سڌارن جو مقصد مالياتي استحڪام کي يقيني ??ڻا??ڻ ۽ معيشت کي پائيدار ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ آهي ، انهن سڌارن ۾ ٽيڪس ۾ اضافو، غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي، توانائي جي شعبي ۾ بهتري ۽ نج??اري جي عمل کي تيز ڪرڻ شامل آهي، حڪومت مالياتي نظم و ضبط کي بهتر ??ڻا??ن لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي ??ه جيئن مالياتي خساري تي ضابطو آڻي سگهجي. انهن خيالن جو اظهار هن واشنگٽن ۾ عالمي مالياتي ادارن جي اختيارين ۽ مختلف اهم شخصيتن سان ڪيترين ئي ملاقاتن ۾ ڳالهائيندي ڪيو . ناڻ?? وزارت طرفان جاري بيان مطابق سينيٽر محمد اورنگزيب آئي ايم ايف ۽ ٻين مالياتي ادارن تي زور ڀريو آهي ته اهي ماحولياتي خطرن جو شڪار ملڪن جي مدد ۾ اضافو ڪن ۽ سماجي تحفظ جي قدمن کي پنهنجي امدادي فريم ورڪ ۾ شامل ڪن. ملاقات دوران هن قرضن جي ادائيگي ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۽ رعايتي قرضن جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو ??ڻا??ڻ جي ضرورت تي زور ڀريو . هن ڍوئچي بينڪ ۽ اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بينڪ سميت مختلف بينڪن جي وفدن سان ملاقاتون ڪيون . ناڻ?? وزير آئي ايم ايف ۽ ٻين مالياتي ادارن تي زور ڀريو ته هو ماحولياتي خطرن کي منهنن ڏيندڙ ملڪن لاءِ امداد ۾ اضافو ڪن ۽ پنهنجي امدادي فريم ورڪ ۾ سماجي تحفظ جا قدم شامل ڪن ??ه جيئن انهن ملڪن کي معاشي بحالي ۾ مدد ملي سگهي . هن اها تجويز پيش ڪئي ته قرضن جي ادائيگي ۾ نر??ي ڪئي وڃي ۽ رعايتي قرضن جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ??ه جيئن مالياتي مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ ملڪن کي سهولت فراهم ڪري سگهجي ۽ هو ماحولياتي چئلينجز جو بهتر طريقي سان مقابلو ڪري سگهن . انهن قدمن جو مقصد مالياتي دٻاءَ کي گهٽائڻ ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي.