اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته احتجاج ۽ شهرن کي بند ڪرڻ سان ملڪي م??يش?? کي روزانو 190 ارب رپين جو نق??ان ٿي رهيو آهي، هڙتال يا احتجاج سان م??يش?? ۽ عوام تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن، م??يش?? استحڪام سان اؤسر طرف گ??مز?? آهي، اهڙي صورت ۾ پاڪستان احتجاج ۽ دهشتگردي کي برداشت نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ان جي اجازت ڏينداسين. ڪالهه پنهن??ي خاص وڊيو پيغام ۾ ناڻي واري وزير چيو ته معاشي بهتري لاءِ حڪومت طرفان کنيل قدمن جي نتيجي ۾ معاشي استحڪام جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 10.7 ارب ڊالرن پهچي ويا، ملڪي ڪرنسي مستحڪم آهي، پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ٿي رهي آهي، پرڏيهي سيڙپڪارن جون بقايائون ادا ڪيون ويون آهن، مهانگائيءَ جي شرح 6.9 سيڪڙو جي سطح تي آهي جيڪا 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح آهي ۽ پاليسي ريٽ ۾ آهستي آهستي گهٽتائي اچي رهي آهي. حڪومت بئنڪن کان قرض ۾ گهٽتائي ڪئي آهي ته جيئن نجي شعبي کي وڌيڪ قرض ملي. هن چيو ته احتجاج سان ملڪي م??يش?? کي نق??ان پهچي رهيو آهي، هڪ ڏينهن شهر بند ٿيڻ سان تمام گهڻو نق??ان ٿئي ٿو، ملڪي م??يش?? کي وڏي محنت سان استحڪام جي سطح تي آندو ويو آهي ۽ اسان اؤسر طرفان گ??مز?? آهيون پر هڪ ڏينهن جي هڙتال يا احتجاج سان م??يش?? ۽ عوامي تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. هن چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم پاڪستان جو دؤرو مڪمل ڪيو آهي، سعودي عرب سان هڪ اهم واپاري وفد پاڪستان اچي رهيو آهي، پاڪستان ۾ ايس سي او ڪانفرنس به منعقد ٿي رهي آهي. اهي سڀ سٺيون اڳڀرائيون آهن، جڏهن ته احتجاج ۽ دهشتگرديءَ سبب ملڪي م??يش?? کي مسلسل نق??ان پهچي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ 8 لک ماڻهو گذريل چئن ڏينهن جي احتجاج سبب متاثر ٿيا، جيڪڏهن عوام لاءِ ڳالهه ڪرڻي آهي ته ميز تي ويهي ڳالهيون ڪريو، دڪانن ۽ مارڪيٽن کي بند ڪرڻ سان گهڻو نق??ان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ناڻي وزارت جي اڪنامڪ ايڊوائيزري ونگ احتجاج سبب نق??ان جو ڪاٿو لڳايو آهي، اهو 190 ارب رپيا روزانو آهي، هن وقت ڪلي جي ڊي پي 124 ٽريلين رپيا آهي ۽ ان جو بنياد تي ڪاٿو لڳايو ويو آهي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ چين جي شهرين تي حملو ٿيو، اسان چين جي حڪومت ۽ عوام جي ڏُک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هي آءِ پي پيز جا اهي انجنيئرز هئا جن سان مان ۽ پاور ڊويزن جي وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري قرضن، ميچيورٽي ۽ ٽيرف ۾ گهٽتائي تي ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين، مان ڀروسي سان چوان ٿو ته هي اهي آءِ پي پيز هئا جن اسان کي چيو هو ته اسان پاڪستان سان گڏ هلنداسين ۽ اهڙو حل ڪڍنداسين جنهن سان چين ۽ پاڪستان ٻنهي کي فائدو پهچندو، جن ملڪ جي مدد لاءِ قدم کنيا، مان پرُاميد آهيان ته اهي معاملا اڳيان وڌندا. هن چيو ته م??يش?? هلي چڪي آهي ۽ اسان ايندڙ منزل طرف گ??مز?? آهيون، ان هوندي احتجاج ۽ دهشتگردي کي برداشت نٿا ڪري سگهون ۽ نه ئي اسان ان جي اجازت ڏينداسين. منهنجي سڀني کي اپيل آهي ته ڪنهن اهڙي قدم ۾ حصو نه وٺو جنهن سان م??يش?? کي نق??ان پهچي، ڇاڪاڻ ته اهو سڀني جو نق??ان هوندو، اسان پنهنجي معاشي حالت کي مضبوط ڪنداسين.