اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پي??لز??ارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پارليامينٽ ۾ ڏنل تجويز ”چارٽر آف پارليامينٽ“ کي ساراهيندي چيو آهي ته ان سان جمهوريت ۽ پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿيندا، پاڪستان پي??لز??ارٽي ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ حڪومت جو هر قدم ۾ ساٿ ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ق??اد?? ۾ پاڪستان پي??لز??ارٽي جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد ۾ سيد نويد قمر ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ اٽارني جنرل پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي مشاوت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان پي??لز??ارٽي حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي آهي، پاڪستان پي??لز??ارٽي ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ حڪومت جو هر قدم ۾ ساٿ ڏنو. وزيراعظم پي??لز??ارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پارليامينٽ ۾ ڏنل تجويز ”چارٽر آف پارليامينٽ“ کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ان سان جمهوريت ۽ پارليامينٽ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. پاڪستان پي??لز??ارٽي جي وفد ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ حڪومتي معاشي پاليسين کي ساراهيو. پاڪستان پي??لز??ارٽي جي وفد حڪومتي پاليسين ۽ قدمن تي مڪمل اعتماد ??و اظهار ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي.