اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ??ه ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علا??قن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته پوٽوهار خطي، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ اپر خيبر پختونخوا ۾ جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علا??قن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي ??ڏهن ته اتر اوڀر پنجاب، ا??ر بلوچستان ۽ ڪالام ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد تربت ۾ 43 ۽ سبي ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.