لنڊن -08 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر مح??د اسحاق ڊار گذريل ڏينهن پاڪستاني ڄائي ب??طانوي پارليامينٽ ميمبر سان پاڪستان هائوس لنڊن ۾ تفصيلي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم کيس پاڪستان جي معاشي ب??الي جي روڊ ميپ بابت بريفنگ ڏني ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ڀارتي غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۽ غزه ۾ انساني حقن لاءِ سندس حمايت کي ساراهيو. واضح رهي ته برطانيه جي تازي چونڊ ۾ 15 پاڪستاني ڄاوا پارليامينٽ جا ميمبر چونڊيا ويا آهن. ڊپٽي اسپيڪر هائوس آف ڪامنز نصرت غني سميت ڪيترائي ب??طانوي پارليامينٽ ميمبر ان موقعي تي دعوت ۾ شريڪ ٿيا. دعوت پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل پاڪستان هائوس ۾ ڏني وئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم پاڪستاني ڄائي ب??طانوي پارليامينٽ ميمبرن کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جي لاڳاپن جي تاريخ، ثقافت ۽ گڏيل مقصدن تي ٻڌل آهي. پاڪستاني ڄائي ب??طانوي پارليامينٽ ميمبرن جو تعداد 15 ٿي ويو آهي. جيڪو برطانوي جمهوريت جي ڪاميابي جو ثبوت آهي. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان وڏيون جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون آهن. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت جي ترقي جي سفر ۾ ڪنهن رڪاوٽ کي ب??داشت نه ڪنداسين. نائب وزيراعظم، ??رطانوي پارليامينٽ جي ميمبر سان پاڪستان ۾ برطانوي سيڙپڪاري وڌائڻ ??ي تجويزن تي به ڳالهيون ڪيون جڏهن ته برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن والاريل ڪشمير ۽ غزه جي مظلوم عوام تي مظلمن خلاف آواز اٿاريو.