اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊ??ر برطانيا جي سرڪاري دوري جي موقعي تي برطانيا جي نائب وزيراعظم انجيلا ريز سان ملاقات ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي ??في?? جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس ??ريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جيڪو هن وقت سرڪاري دوري تي برطانيا ۾ آهي، برطانيا جي پرڏيهي، دولت ??شت??ڪه ۽ ترقياتي معاملن جي سيڪريٽري ڊيوڊ ليمي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هڪ مضبوط پاڪستان – برطانيا حصيداري، وسيع ٻطرفي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ، گڏيل قومن ۽ دولت ??شت??ڪه جي ڏس ۾ پاڪستان برطانيا تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه خميس ڏينهن برطانيا جي نائب وزيراعظم انجيلا ريز سان ملاقات کانسواءِ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ برطانيا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو.