اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت ??يٺ ڪڇي ڪينال منصوبي بابت اجلاس منعقد ٿيو. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، صوبائي وزيرن ۽ عملدارن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ا?? موقعي تي وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ماهر ٻن مهينن اندر اندر ڪڇي ڪينال مان 400 کان 500 ڪيوسڪ پاڻي کڻي وڃڻ جو حل پيش ڪن. هن چيو ته ڪڇي ڪينال مان بلوچستان جي 7 لک 13 هزار ايڪڙ زمين آبادي ٿيندي. مستقبل ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ کان اڳ ڪڇي ڪينال کي بحال ڪرڻ ۽ 500 ڪيوسڪ پاڻي جو بحال ٿيڻ ضروري آهي، مقامي آبادي کي جلد کان جلد پاڻي فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. احسن اقبال چيو ته اسان کي پنهنجي ترقياتي بجيٽ ۾ فراهم ڪيل محدود وسيلن اندر رهندي ان جو حل ڪڍڻو آهي. پنجاب ۾ ار??ن ڪينال بهترين ڪم ڪري رهيو آهي،اسان کي پنجاب جي ار??ن ڪينال ماڊل کي اختيار ڪرڻ تي سوچڻ گهرجي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته ٻوڏ 2022ع سبب بلوچستان ار??ن ڪينال کي شديد نقصان پهتو، ڪڇي ڪينال جي بندش سبب ڪمانڊ ايريا ۾ پوکي بند ٿي چڪي ??هي، مون کي پوري اميد آهي ته رٿابندي واري وزير جي نگراني ??يٺ جلد کان جلد ڪينال ۾ پاڻي جي بحالي سميت مستقبل ۾ بهترين لائحه عمل ??وڙ??و ويندو.