اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ وزير??عظ?? يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان کي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ سندس عزم ۽ م??نت تي ”ڪامن ويلٿ ايئر يوٿ چيمپيئن“ جو ايوارڊ ڏنو. وزير??عظ?? يوٿ پروگرام جي قدمن جي نمائش جي افتتاحي تقريب منعقد ٿي. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ چيو ته راڻا مشهود نوجوانن کي موقعا، وسيلا ۽ م??د فراهم ڪرڻ ۽ م??تلف قدمن ۽ پروگرامن ذريعي انهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ اهم قدم ۽ شاندار ڪم ڪيو آهي. سندس خدمتن جو اعتراف ڪندي هن راڻا مشهود جو ڪامن ويلٿ جي روايتن مطابق ٽي ڀيرا ٿورو مڃيو. هن چيو ته دولت مشترڪه پاڪستان جي نوجوانن لاءِ وزير??عظ?? يوٿ پروگرام ٽيم جي همٿ ۽ عزم جو اعتراف ڪري ٿو ڇو جو نوجوان ??ي تبديلي آڻڻ جا محرڪ آهن. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل بٽڻ دٻائي وزير??عظ?? يوٿ پروگرام جي 6 قدمن جو افتتاح ڪيو جن ۾ ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس، ڊيجيٽل لرننگ پو??ٽل?? قومي رضاڪار ڪور لاءِ لوگو، برٽش ڪائونسل ۽ انٽيل ڪارپوريشن جي سهڪار سان ??ي آءِ ايجوڪيشن پروگرام ۽ ڪامن ويلٿ يوٿ پارليامينٽري فورم قائم ڪرڻ شامل آهن.