اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفا??تي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته 93 هون ”ڪشمير شهداءِ ڏهاڙو“ 13 جولاءِ تي ملهايو ويندو، اهو ڏينهن انهن 22 ڪشميرين جي شهادت جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو جن 1931ع ۾ سرينگر ۾ ڊوگره فور??ز جي انڌاڌنڌ فائرنگ جي مقابلو ڪندي پنهنجون جانيون قربان ڪيون. ترجمان چيو ته اسان انهن جي بهادري کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادي ۽ انهن جي خودمختياري جي حق لاءِ هڪ دليراڻي تحريڪ کي جنم ڏنو، اها تحريڪ اڄ تائين جاري آهي. ترجمان چيو ته ڊوگره فوج جي طرز تي ڀا??تي فوج گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ هزارين ڪشميرين کي رڳو پنهنجي حقن جي مطالبي تي قتل ڪيو آهي، ناليواري ڪشمي??ي نوجوان اڳواڻ برهان مظفر واني انهن سوين ڪشمي??ي نوجوانن مان هڪ هو جيڪو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عدالت کان مٿانهون قتل جو شڪار ٿي چڪو آهي، ان جي اٺين ورسيءَ 8 جولاءِ تي ملهائي وئي. هن چيو ته ”ڪشمير شهداءِ ڏهاڙي“ جي هن هفتي ۾ اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀا??تي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڪشميري عوام جي خلاف عدالت کان مٿانهين قتل ۽ بي رحماڻي طاقت جي انڌاڌنڌ ??ست??مال جي مهم بند ڪري.