اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ زرعي ??يوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي عمل کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ان حوالي سان هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، وزيراعظم ڏکڻ بلوچستان پئڪيج جي اهم منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بلوچستان صوبي جي معاملن تي اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بلوچستان جي وڏي و??ير سرفراز احمد بگٽي جي قيادت ۾ بلوچستان حڪومت جي وفد شرڪت ڪئي. وفد ۾ منصوبابندي ۽ ترقي و??رو صوبائي و??ير ظهور احمد بليدي، ناڻي و??رو صوبائي و??ير شعيب نوشيرواني، ماهيگيري و??رو پارلياماني سيڪريٽري حاجي برڪت رند، صوبائي اسيمبلي ميمبر مير رحمت صالح بلوچ، حاجي محمد خان، زمرڪ خان اچڪزئي ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪي?? قادر شامل هئا. اجلاس ۾ بلوچستان صوبي جي انتظامي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي و??يراعظم چيو ته بلوچستان پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ صوبو آهي. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته بلوچستان جي وڏي و??ير جي قيادت ۾ نئين صوبائي ڪابينا صوبي جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ ان کي ترقي جي راهه تي آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، وفاقي حڪومت بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندي. وزيراعظم بلوچستان ۾ زرعي ??يوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي عمل کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جو ورجاءُ ڪندي چيو ته زرعي ??يوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سان وفاقي حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن هدايت ڪئي ته زرعي ??يوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي تائين بلوچستان ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽ کان گهٽ ڪئي وڃي ته جيئن فصلن ۽ باغن سان زرعي ??يداوار متاثر نه ٿئي. وزيراعظم ڏکڻ بلوچستان پئڪيج جي اهم منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته صوبي جي نوجوانن کي تعليم ۽ نوڪرين جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن ته جيئن بلوچستان جي عوام ملڪي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ڪندي رهي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واريو وفاقي و??ير محمد اورنگزيب، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي و??ير احسن اقبال، واپار واري وفاقي و??ير ڄام ڪمال خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.