اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي ?? گهٽتائي کي عوام جي لاءِ سٺي خبر قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته صوبائي حڪومتون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ?? گهٽتائي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي سرڪاري ??گه?? تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف مهانگائي ?? گهٽتائي کي عوام جي لاءِ سٺي خبر قرار ڏنو. هن چيو ته ٻن سالن ۾ مهانگائي جو گهٽ ترين سطح تي اچڻ معاشي بهترين جا آثار آهن، مهانگائي جي شرح 39 سيڪڙو ??ان اڳ 20 سيڪڙو ۽ هاڻي 17 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، 16 مهينن ۾ جيڪا محنت نگران حڪومت ڪئي ان کي جاري رکيو، هي انهي جا ثمر آهن، مهانگائي ?? گهٽتائي اولين هدف آهي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان معاشي سرگرمين ۾ تيزي سان عوام کي وڌيڪ ريليف ملندو، پيٽرول جي قيمتن ?? گهٽتائي سان به عوام کي ريليف ملندو، عالمي منڊيءَ ۾ تيل جون قيمتون هيٺ آيون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومتون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ?? گهٽتائي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي سرڪاري ??گه?? تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل سان انهي رخ ۾ هلڻ سان عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عوام کي جلد ??ان جلد وڌ ??ان وڌ ريليف ملي ??گه??.