اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي سان فارسيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ?? ايراني شاعرن جي پاڪستان جي حوالي سان فارشي شعر پڻ پڙهيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري تي فارسي زبان ۾ آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته چشمِ ماه روشن دلِ ماشاد، توهان کي ڏسي اسان جون اکيون ٿڌيون ٿيون ۽ دل خوش ٿي. وزيراعظم ايراني صدر کي علامه تقي بهار جي پاڪستان بابت فارسي ۾ ڪلام ”درود بر پاڪستان“ پڻ پڙهي ٻڌايو. ”هميشه لطف خداباد يارِ پاڪستان، به ڪين مباد فلڪ باديارِ پاڪستان“ پاڪستان تي الله جو سدائين فضل ۽ ڪرم جاري رهي ۽ آسمان پاڪستان کان ڪڏهن به ناراض نه ٿئي. وزيراعظم ايراني صدر سان ڳالهه ٻولهه ۾ فارسيءَ ۾ شعر پڻ پڙهيو جنهن ۾ ان جي پاڪستان جي دوري جي ڀرپور آجيان ۽ کيس بار بار پاڪستان اچڻ جي ??عو?? ڏني. وزيراعظم جي فارسي ۾ ڳالهه ٻولهه تي شرڪت ڪندڙن جي چهرن تي مسڪراٽ اچي وئي. ايراني صدر ۽ وفد وزيراعظم جي فارسي زبان تي عبور ڏسي خوشگوار حيرت ۾ مبتلا ٿي ويا. وزيراعظم جي فارسي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ شعر ٻڌي شرڪت ڪندڙ داد ڏيڻ کانسواءِ رهي سگهيا.