اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني پاران وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد جي پيغام تي سندس ٿورا مڃيا آهن. سماج?? رابطن جي ويب سا??يٽ تي پنهنجي ٽو??يٽ ۾ هن چيو ته هو قطر جي نائب امير ۽ وزيراعظم پاران خيرسگالي جي پيغام تي سندس ٿورائتو آهي. پاڪستان جا قطر سان گهرا ۽ پراڻا خوشگوار لاڳاپا آهن ??ن کي هو و??يڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي.