اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پوسٽل لائيف انشو??نس کي فوتي ??ال??سي هولڊر جي وارثن کي 50 لک رپين جو ڊيٿ انشو??نس ڪليم 30 ڏينهن ۾ ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پوسٽل لائيف انشو??نس جي داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي، پوسٽل لائيف فوتي پاران ڄمڻ جي تاريخ غلط ٻڌائڻ ۽ شگر جي بيماري لڪائڻ جي بنياد تي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب عبدالعزيز جي والد پوسٽل لائيف کان 2010ع ۾ 50 لک رپين جي انشو??نس ??ال??سي خريد ڪئي هئي. 2015ع ۾ والد جي لاڏڻي کانپوءِ پوسٽل لائيف پٽ کي رقم جي ادائيگي کان انڪار ڪ??ي ڇڏيو. فوتي جي پٽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي. وفاقي محتسب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته فوتي ??ال??سي هولڊر سڃاڻپ ڪارڊ تي داخل ڄم جي تاريخ موجب انشو??نس ??ال??سي خريد ڪئي ۽ پوسٽل لائيف فراهم ڪيل معلومات قبول ڪرڻ کانپوءِ انشو??نس ??ال??سي جاري ڪئي. فيصلي موجب انشو??نس ايجنسي پاران شڪايت ڪندڙ کي ڪليم ادائيگي کان انڪار بدانتظامي جي برابر آهي. ڪمپني وفاقي محتسب جي شڪايت ڪندڙ جي حق ۾ فيصلو ڪرڻ تي صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ حقيقتن جي روشني ۾ شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته انشو??نس آرڊيننس موجب ڪا انشو??نس ??ال??سي شروع ٿيڻ جي تاريخ جي 2 سالن کانپوءِ غلط معلومات جي بنياد تي چئلينج نه ٿي ڪري سگهجي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب زيابيطس ۽ هاءِ بلڊ پريشر جهڙي بيمارين کي لڪائڻ کي دوکيبازي سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي، اهڙين بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ وڌيڪ محتاط رهي عام ماڻهن وانگر زندگي گذارين ٿا. صدر هدايت ڪئي ته پوسٽل لائيف وفاقي محتسب جي فيصلي جي 30 ڏينهن ۾ تعميل ڪندي فوتي جي وارثن کي ان جي انشو??نس ڪليم ادا ڪري.